ٽن ڏينهن واري اسپورٽس فيسٽيول جو افتتاح

نواب شاھه (ن سنڌيار)ڊويزنل انتظاميه شهيدبينظيرآباد طرفان 3 ڏينهن وارو ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول اڄ کان شروع ٿئي چڪو آهي جنهن جو باقاعده افتتاح اڄ بلاول اسپورٽس ڪامپليڪس نواب شاھه ۾ ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاهه، سابق ضلعي چيئرمين ڄام تماچي انڙ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول جي ڪنوينر ابراراحمد جعفر گڏيل طور ڪيو، افتتاحي تقريب جو آغاز نوجوانن جي ميراٿن ريس ۽ سائيڪل ريس سان ڪيو ويو جنهن ۾ٽنهي ضلعن جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن  حصو ورتو، تقريب ۾ سرڪاري عملدارن، غير سرڪاري ادارن ۽ سول سوسائتي جي نمائندن، استادن، شاگردن ۽ شهرين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاهه چيو ته گذريل سال جيان هن سال پڻ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويو آهي ته جئين هو پنهنجي صلاحيتن کي بهتر نموني سان اجاگر ڪري سگهن هن وڌيڪ چيو ته هن ٻئي اسپورٽس فيسٽيول ۾ ڊويزن جي ٽنهي ضلعن شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پهريان کان وڌيڪ حصو وٺي رهيون آهن جيڪا هڪ خوشي جي ڳالھ آهي هن وڌيڪ چيو ته راندين جي مقابلن کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته علائقي جي نوجوانن ۾ تمام گهڻيون صلآحيتون موجود آهن جن کي صوبائي ۽ قومي سطح تي موقعو فراهم ڪيو وڃي ته هو علائقي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول جي ڪنوينر ابراراحمد جعفر چيو ته ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھه جي ويزن تحت ڊويزن جي هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي راندين جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيو ويو ۽ اهو ڏسي اڄ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هي ٻيون ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽنهي ضلعن جي اسڪول ۽ ڪاليج جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهيا آهن.

Photo DIO

هن وڌيڪ چيو ته ٽنهي ضلعن جي تعليمي ادارن جي انتظاميه ۽ شاگردن جو پڻ شڪر گذار آهيان ته هو محنت ڪري هن ميگا اسپورٽس فيسٽيول ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ضلعي جو نالو روشن ڪري رهيا آهن ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾سابق چيئرمين ضلع ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڄام تماچي انڙ، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولز شهيد بينظيرآباد غلام مجتبى دايو،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راهو،ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظيرآباد قمر الدين ڪيريو۽ ٻين چيو ته لاڳاتار ٻئين ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه جا شڪر گذار آهيون هن فيسٽيول جي ذريعي اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نصابي سرگرمين سان گڏ غيرنصابي سر گرمين ۾ حصو وٺڻ جو بهترين موقعو مليو آهي راندين جي مقابلن سان ٻارن ۾ مقابلي جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي جيڪا کين زندگي جي فيصلن ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي ان کان اڳ تقريب جي ابتدا ۾ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نوجوانن ۾ ميراٿن ريس ڪرائي وئي جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن حصو ورتو ميراٿن ريس بلاول اسپورٽس ڪامپليڪس کان شروع ٿئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن کان ٿي واپس بلاول اسپورٽس ڪامپليڪس پهتي جنهن ۾ پهرين پوزيشن خانزيب، ٻئي پوزيشن خان لالا ۽ ٽئين پوزيشن حسن عباس لاشاري حاصل ڪئي جڏهن ته سائيڪل ريس ۾ پهرين پوزيشن ظفر پٺاڻ، ٻئي پوزيشن عابد علي ۽ ٽئين پوزيشن عبدالجبار حاصل ڪئي پهرين ، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ نوجوانن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ابراراحمد جعفر پاران روڪ رقم، سرٽيفيڪٽ ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگرياڻين قومي نغمن تي ٽيبلوز ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا

پهنجو تبصرو موڪليو