ٽوائلٽ ۾ ڪموڊ تي ويٺل شخص کي نانگ چڪي وڌو

بئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي شهري کي باٿ روم ۾ نانگ چڪي وڌو. بئنڪاڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب تنات تنگيوانون نالي شهري فيس بڪ تي پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته جيئن ئي هو ڪموڊ تي ويٺو ته سندس آنورن ۾ سور محسوس ٿيو. مون ڪموڊ ۾ ڏٺو ته تمام وڏو ازدها ويٺو هو. مون کيس پڪڙي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيس. ان دوران وائپر جو ڏنڊو هڻي کيس ماري ڇڏيم ۽ سيڪورٽي گارڊ کي سڏ ڪري نانگ ٻاهر اڇلايو. هن چيو ته مون اسپتال ۾ چيڪ اپ ڪرايو ته ڊاڪٽرن چيو ته هي زهريلو نانگ نه هو البته سندس چڪ سبب زخم ٿيو آهي جنهن جو علاج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو