ٽيلر سوئفٽ اي آئي ٽيڪنالاجي جو شڪار،جعلي تصويرون وائرل

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ به آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي جو نشانو بڻجي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ آن لائن گردش ڪندي پنهنجي جعلي تصويرن تي سخت ناراض ۽ ڪاوڙيل آهي.رپورٽن مطابق ٽيلر سوئفٽ انهن تصويرن جي استعمال ۽ ورهائڻ تي ڊيپ فيڪ فحش ويب سائيٽس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ جي مداحن به انهن جعلي تصويرن جي معاملي تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل هفتي انٽرنيٽ تي ٽيلر سوئفٽ جون جعلي ۽ نامناسب تصويرون سامهون آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو