ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ انتظام مڪمل،آرٿر اڳواڻي ڪندو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، جنهن جي تفصيل جو بورڊ جلد اعلان ڪندو.ذريعن موجب مڪي آرٿر ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت ڪندو، هو ان کان اڳ هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀالي چڪو آهي، سندس دور ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي کٽي، مڪي آرٿر ڊربي شائر سان به ڪم ڪندو رهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي هلندڙ هفتي فائنل ڪيو ويندو. نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ نئون ڪوچنگ اسٽاف چارج سنڀاليندو.مڪي آرٿر کان علاوه گرانٽ بريڊ برن کي ڪوچنگ اسٽاف ۾ اهم ذميواريون ڏنيون وينديون، کيس هيڊ ڪوچ بڻايو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر مورني مورڪل کي بالنگ ۽ ڏکڻ آفريڪا جو بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پيوٽڪا کي مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.مورني مورڪل کي 86 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ۽ 44 ٽي ٽوئنٽي ميچن جو تجربو آهي، جڏهن ته اينڊريو پيوٽڪ هڪ ون ڊي ميچ کيڏي چڪو آهي.نيوزيلينڊ جو گرانٽ بريڊ برن ماضي ۾ پاڪستان جو فيلڊنگ ڪوچ ۽ اين ايڇ پي سي بي ۾ هيڊ آف هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ رهي چڪو آهي، رائٽ آرم آف بريڪ گرانٽ بريڊ برن 7 ٽيسٽ ۽ 11 ون ڊي ميچز کيڏي چڪو آهي.ٻئي طرف فزيو ڪلف ڊيڪون طاقت ۽ ڪنڊيشننگ ڪوچ ۽ ڊريڪ سائمن جي حيثيت ۾ خدمتون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو