ٽيم ۾ جوش آهي، ورلڊ ڪپ ۾ سٺا نتيجا نڪرندا، افتخار احمد

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين افتخار احمد چيو آهي ته اسان جي ٽيم ۾ ڪوشش جو جذبو آهي، جنهن طرح ڇوڪرا مري رهيا آهن ان سان ورلڊ ڪپ ۾ به سٺا نتيجا نڪرندا.ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف ميچ هارائڻ کانپوءِ ڳالهائيندي افتخار احمد چيو ته ميچ ڏاڍي ڏکي هئي، اسان آخري اسٽيج ۾ هارائي وياسين ۽ سمورا رانديگر فتح تي پراميد هئا.افتخار احمد چيو ته اهو زمان خان جو ڊيبيو هو، کيس پڪ هئي ته ڇهه يا ست رنسون هجن ته بچائي ڇڏيندو، ڪرڪيٽ ۾ ائين ٿيندو آهي، ٻن بالن تي ڇهه رنسون گهربل هونديون هيون، پوءِ کيس بائونڊري ملي.هن چيو ته سريلنڪن ٽيم خوش قسمت هئي جڏهن ته اسان بدقسمت هئاسين، اسان سٺو ٽوٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، ان جو ڪريڊٽ به سريلنڪا کي وڃي ٿو جنهن سٺي ڪرڪيٽ کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو