ٽينڪر ٽڪر، هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن جي جنازي نماز ادا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گذريل ڏينهن ملير هالٽ لڳ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل ويل هڪ ئي خاندان 3 ڄڻن جي جنازي نماز ناٿا خان ڳوٺ جي مرڪزي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي هر اک آلي سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي، حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار شهري عبدالقيوم سندس گهر واري زينب ۽ تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويا هئا سرد خاني مان مڙھ گهر منتقل ٿيڻ تي ڪهرام مچي ويو، جنازي نماز ۾ حليم عادل شيخ سميت علائقي جي وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت ڪئي، شهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ٽريفڪ پوليس روڊ حادثن کي روڪڻ م ناڪام ٿي وئي آهي،ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪري اهڙن حادثن کان بچي سگهجي ٿو هي حادثو به ٽريفڪ پوليس جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي،جنازي نماز بعد فوتين کي ناٿا خان ڀرسان قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو