ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽينڪر ۽ ڊمپر حادثن ۾ خطرناڪ واڌ بابت سنڌ جي گورنر چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيو،گورنر هائوس جي ترجمان موجب، خط ۾ چيو ويو آهي ته 2025 ۾ حادثن ۾ هاڻي تائين 70 کان ماڻهو مري ويا،سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته 24 مارچ تي ملير هالٽ ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هڪ خاندان کي پاڻي جي ٽينڪر چيڀاٽيو ، خط جي متن ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته عبدالقيوم، سندس ڳورهاري زال زينب ۽ سندس نئون ڄاول ٻار هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ٽريفڪ حادثن تي فوري طور تي ڪارروائي ڪري، سنڌ جي گورنر چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب هن وقت شهرين جون زندگيون خطري ۾ آهن، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ نگران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو، خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي،خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي شهرين جي زندگين جي حفاظت لاءِ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي.
