آسٽريليا پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

هوبارٽ (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا پاڪستان کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.هوبارٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا 118 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 12هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.مارڪس اسٽونز 61 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، سندس ٽي 20 ڪيريئر جي پنجين اڌ سينچري آهي.آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 16 رنسن تي ڪري ۽ ٻي وڪيٽ 30 رنسن تي ڪري، ميٽ شارٽ 2 ۽ جيڪ فريزر ميڪ گرڪ 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.قومي ٽيم خلاف آسٽريليا جي ٽئين وڪيٽ 85 رنسن تي ڪري پئي جڏهن آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلز 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي، جهانداد خان ۽ عباس آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.پاڪستاني ٽيم 18.1 اوورن ۾ 117 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ ميزبان ٽيم کي فتح لاءِ 118 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 17 رنسن تي ڪري پئي جڏهن ته صاحبزاده فرحان 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.آسٽريليا خلاف پاڪستان جي ٻي وڪيٽ 61 رنسن تي ۽ ٽين وڪيٽ 64 رنسن تي ڪري پئي، حسيب الله 24 رنسون ٺاهي ۽ عثمان خان 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.قومي ٽيم مان آئوٽ ٿيڻ وارو چوٿون رانديگر ڪپتان سلمان علي آغا هو، هو 9 بالن تي 1 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 91 رنسن تي بابر اعظم جي صورت ۾ گري، هو 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ ۽ ستين وڪيٽ 92 رنسن تي ڪري، عرفان خان 10 رنسون ۽ عباس آفريدي هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. آسٽريليا خلاف پاڪستان جي اٺين ۽ نائين وڪيٽ 116 رنسن تي ڪري پئي ۽ آخري وڪيٽ 117 رنسن تي ڪري، شاهين شاهه آفريدي 12، جهانداد خان 5 ۽ سفيان مقيم هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.آسٽريليا طرفان ايرين هارڊي 3 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو