ٽيڪس رٽرن جمع ڪرائيندڙن ۾ سئو سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف بي آر ذريعن موجب ملڪ ۾ ٽيڪس ريٽرن فائلرز جي انگ ۾ هن سال به 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ماڻهن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻه ڀيرا ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا، ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ وارن جو انگ 33 لک 85 هزار کان وڌي ويو آهي.ايف بي آر ذريعن موجب ٽيڪس گوشوارن سان هن وقت تائين 55 ارب 49 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جمع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 37 سيڪڙو ماڻهن ريٽرن سان گڏ ڪو به ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو.ايف بي آر ذريعن ٻڌايو آهي ته صفر ٽيڪس قابل آمدني ظاهر ڪندڙن جو انگ 12 لک 40 هزار 742 آهي.ايف بي آر ذريعن موجب ڪاروباري تنظيمن ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ايف بي آر ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.ايف بي آر ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ بابت فيصلو اڄ شام تائين متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو