اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته قومي آمدني ۾ ٽيڪس جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو وڃي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته هو آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگھي مدي وارو پروگرام وٺڻ چاهي ٿو، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا موجب وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ تسلسل هوندو ته معاشي نظم و ضبط هوندو. محمد اورنگزيب چيو ته معيشت جي بهتري اسان جي حڪومت جو مقصد آءِ ايم ايف کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو معيشت جي بهتري لاءِ واضح ويزن آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف کان موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، آءِ ايم ايف کي موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ 1.1 ارب ڊالر ڏيڻا آهن.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هو آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين پروگرام جو شروعاتي خاڪو تيار ڪري رهيا آهن، معاشي استحڪام آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت جو گڏيل مقصد آهي.محمد اورنگزيب چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ احتياط سان ڪم ڪيو، فواد حسن فواد نجڪاري جو معاملو وڏي دلچسپي ۽ محنت سان حل ڪيو، هو ٽيڪس روينيو ڊجيٽل طريقي سان گڏ ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هو قومي آمدني ۾ ٽيڪس جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض جي پروگرام سان ماحوليات جي فنڊنگ تي به ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ماحول جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف ڪجهه ملڪن کي ڪوٽا کان وڌيڪ قرض ڏئي رهيو آهي.بعد ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ٽيڪس وصولين بابت بريفنگ ڏني وئي.محمد اورنگزيب ٽيڪس وصولي جي هدف ۽ مستقبل ۾ ٽيڪس وصولي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ايف بي آر ۾ سڌارن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايف بي آر عملدارن وفاقي ناڻي واري وزير کي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل تي بريفنگ ڏني جڏهن ته محمد اورنگزيب ايف بي آر کي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري نظام ۾ مڪمل شفافيت آڻڻ جي به هدايت ڪئي
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم