اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.ذريعن موجب، قرض پروگرام جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي جا عملدار حصو وٺندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف کي 605 ارب رپين جي ٽيڪس گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس وصولي جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪو به مني بجيٽ جاري نه ڪيو ويندو.ذريعن موجب، گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيس جلد ختم ڪيا ويندا، ۽ حڪومت عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ٽيڪس ڪيسن ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان چيف جسٽس آف پاڪستان ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي تيز ڪرڻ جي درخواست کي به منظور ڪري ورتو آهي.
