ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جو انگ ٽيڻ تي وڌي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي. جيو نيوز جي اشرف ملخم جي رپورٽ موجب انڪم ٽيڪس ريٽرن فائلرز جو انگ ٽيڻ تي وڌڻ بعد 64 لک کان مٿي ٿي ويو آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته 34 لک ماڻهن زيرو ٽيڪس آمدني جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته 2024ع ۾ ريٽرن جمع ڪرائڻ وارن 114 ارب 33 ڪروڙ روپين جو ٽيڪس به جمع ڪرايو آهي. گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 21 لک 66 هزار 775 ماڻهن ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا هئا ۽ 52 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪرائي هئي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته پهرين جولاءِ کان 8 آڪٽوبر تائين 1 لک 35 هزار نوان فائلرز رجسٽرڊ ٿيا. گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾، تقريبا ساڍا 4 لک نوان فائلرز رجسٽرڊ ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو