ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽي توئنٽي سيريز لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي، مهمان ٽيم ڪمرشل فلائٽ ۾ صبح جو ڏهين وڳي علامه اقبال ايئرپورٽ پهچندي، جنهن کانپوءِ ان کي مال روڊ تي واقع هوٽل تائين پهچايو ويندو، جن لاءِ ڪووڊ جو مرحلو به هوندو، سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ اعليٰ سيڪيورٽي عملدارن ۽ پي سي بي جي عهديدارن شرڪت ڪئي، هي اجلاس ڪافي ڏينهن کان هلندڙ هئا جن کي آخري شڪل ڏني وئي.ٽيمن کي ڪووڊ پروٽوڪول ۽ سخت سيڪيورٽي ۾ هوٽل کان قذافي اسٽيڊيم ٽريننگ ۽ ميچز لاءِ آندو ويندو، پلان موجب 5 فيبروري کان پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جا رانديگر مختلف وقتن ۾ ٽريننگ ڪري سگهندا، 4 فيبروري کان قذافي اسٽيڊيم جي ڀرپاسي موجود ريسٽورينٽ ۽ دڪانن کي بند ڪيو ويندو، پاڪستاني رانديگر به سڀاڻي کان بائيو ببل جو حصو ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو