سائوٿمپٽن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي جي ٻئي ميچ ۾ به آسٽريليا کي شڪست ڏئي سيريز ۾ واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي. جوز بٽلر جي شاندار بيٽنگ سبب انگلينڊ کي ڪاميابي ملي. ٽاس کٽي آسٽريليا اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 3 رنز تي 3 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪپتان فنچ ۽ سمٿ اسڪور کي 30 تي پهچايو ته غلط فهمي سبب سمٿ رن آئوٽ ٿي ويو، فنچ ۽ اسٽوئس 49 رنز جي پارٽنر شپ جوڙي ته جورڊن ڪپتان کي 40 رنز تي بولڊ ڪري ڇڏيو. اسٽوئس به 35 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. 89 جي مجموعي اسڪور تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي وئي پر ميڪسويل ۽ ايشٽن ايگار ترتيبوار 26 ۽ 23 رنز اسڪور ڪري مقرره اوورن ۾ 157 رنز 7 وڪيٽن جي نقصان تي پهچايو. جورڊن 2 وڪيٽون ته ورتيون پر 40 رنز به ڏنيون. جواب ۾ انگلينڊ جي شروعات به بهتر نه ٿي بيئر اسٽوو استارڪ جي بال تي هٽ وڪٽ ٿيو. بعد ۾ ڊيوڊ ملان سان بٽلر 87 رنز جي شراڪت ڪئي ۽ ملان 42 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٽوم بينٽن ۽ مورگن به جلدي آئوٽ ٿيا پر بٽلر جي شيلنگ جاري هئي ۽ 7 بال بچيل هئا ته ٽارگٽ پورو ٿي ويو.
بٽلر 54 بالبن تي 77 رنز ٺاهيون، هن 2 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هنيا. انگلينڊ 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي 3 ميچن مان 2 کٽي سيريز به کٽي ورتي. ياد رهي ته ساڳئي ميدان ۾ انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز برابر رهي هئي.