ڪراچي ( ويب ديسڪ) پاڪستاني ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ۾ 10 هزار رنز مڪمل ڪري روتيون. اهو اعزا حاصل ڪندڙ هو پاڪستان جو پهريون ۽ دنيا جو ٽيون رانديگر بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جو ڪري گيل ۽ ڪيرن پولارڊ اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.شعيب ملڪ ڇنڇر تي راولپنڊي ۾ کيڏيل قومي ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ دوران خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ کيڏيل ميچ دوران حاصل ڪيو. هن پنهنجي ڪيريئر جي 395 هين ميچ ۾ خيبر پختونخواه پارن کيڏندي ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 74 رنز ٺاهيون. هن جڏهن 47 رنز ٺاهيون ته سندس 10 هزار رنز مڪمل ٿيون.
پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ کيس مبارڪباد ڏيندي ٽوئيٽ ذريعي اعلان ڪيو ته هو پهريون پاڪستاني آهي جنهن ٽي ٽوئنٽي ۾ 10 هزار رنز مڪمل ڪيون آهن.