ٽي ٽي پي جي مبينه دهشتگرد جي اپيل منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ ڪالعدم تحريڪ طالبان سان جڙيل هڪ شڪي دهشتگرد جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي. جسٽس محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي مشتمل ڊويزن بينچ ڌماڪيدار مادو رکڻ جي الزام ۾ جوابدار عبدالله کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان مليل 5 سالن جي سزا خلاف اپيل منظور ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. جوابدار جي وڪيل مولانا وجيهه الله عدالت کي ٻڌايو ته پوليس پاران پيش ڪيل ثبوتن ۾ تضاد آهي ۽ ٽرائل ڪورٽ اهي نقطا خاطر ۾ نه آندا. ايف آءِ آر موجب پوليس جوابدار کي جي 8 مان گرفتر ڪري ڌماڪيدر مواد برآمد ڪيو هو ۽ جوابدار جاچ ۾ ٽي ٽي پي سان تعلق هجن جو اعتراف ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو