اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو ڪو به ارادو ناهي.هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جو معاملو بار بار اٿاريو آهي.افغانستان ۾ فتني الخوارج جي دهشتگرد گروپن جي موجودگي کي اقوام متحده سميت ڪيترائي عالمي ادارا ثابت ڪري چڪا آهن.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان افغانستان کي دهشتگردي بابت انٽيليجنس معلومات به فراهم ڪئي آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دهشتگردي بابت انٽيليجنس شيئرنگ بابت معلومات جاري نه ٿو ڪري سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل آهن، انهن چينلز تي افغانستان سان دهشتگردي بابت ثبوتن جي مٽا سٽا ڪئي ويندي آهي. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پاران ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ ثالثي جي آڇ بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان وٽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهين جو ڪو پروگرام ناهي.افغان حڪومت ٽي ٽي پي سميت پاڪستاني عوام جي خونريزي ۾ ملوث گروپن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري.بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آصف مرچنٽ بابت آمريڪي انتظاميا کان معلومات جو انتظار ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اڄ ڪيمرون ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري اسرائيل جي ايڊونچرزم، اسلام فوبيا ۽ ٻين معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو