ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابر اعظم هڪ نمبر هيٺ لهي ويو

دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ آءِ سي سي ٽي 20 بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي.پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم رينڪنگ ۾ هڪ درجو هيٺ لهي 8 هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته محمد رضوان 9 هين نمبر تي آهي.رينڪنگ موجب، نيوزي لينڊ جو ٽم سيفرٽ 20 درجا مٿي ڪري 13 هين نمبر تي پهچي ويو آهي، ۽ نيوزي لينڊ جو فن ايلن پڻ 8 درجا مٿي ڪري 18 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.ٻئي طرف، ويسٽ انڊيز جو عقيل حسين ٽي 20 بالرن ۾ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ڪو به بالر ٽاپ 20 ۾ شامل ناهي.آءِ سي سي بالرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستاني بالر حارث رئوف 4 درجا ترقي ڪري 26 هين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته شاهين آفريدي 6 درجا هيٺ لهي 30 هين نمبر تي اچي ويو آهي.ان کان علاوه، هندستان جو هاردڪ پانڊيا ٽي 20 آل رائونڊرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو