نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن اوهان به مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽِڪ ٽاڪر ذريعي پئسا ڪمائڻ چاهيون ٿا ته هاڻي اِهو عمل وڌيڪ سولوبڻايو پيو وڃي. ڪمپني طرفان واهپيدارن کي ڪمائڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سبسڪرپش فيچر تائين پهچ سمورن تخليقڪارن( ڪريٽيرز ) ڏني ويندي. پهريان اهو فيچر لائيو سبسڪرپشن جي نالي سان رڳو ٽڪ ٽاڪ تي لائيو اسٽريمنگ ڪندڙ واهپيدارن کي دستياب هيو. پر هاڻ سبسڪرپشن ذريعي پئسا ڪمائڻ جو موقعو 18 ورهين يا ان کان وڏي عمر واري هر واهپيدار کي دستياب آهي، پر ان سان گڏوگڏ ڪجهه شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. اهڙن واهپيدارن جي فالوورز جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار هئڻ ضروري هوندو، جڏهن ته هڪ سال دوران وڊيو ويوز هڪ لک هجڻ جو شرط پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. لائيو سبسڪرپشن فيچر 2022 ۾ متعارف ڪرايو ويو ته جيئن يوٽيوب ۽ اهڙين ٻين سروسز کي لائيو اسٽريمنگ جي ميدان ۾ مات ڏئي سگهجي. ٽڪ ٽاڪ طرفان سبسڪرپشن جي ٽن ڪيٽيگريز جي آڇ ڪئي ويندي، سبسڪپرشن واهپيدارن کي پنهنجي پسنديده تخليقڪار جي خاص مواد، چئنلز ۽ اسٽيڪرز تائين پهچ لاءِ ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوندي. ان ٽول ذريعي واهپيدار خاص مواد ( فيس لاڳو ڪري)، بيجز ۽ ٻين ذريعن سان پئسا ڪمائي سگهندا، جڏهن ته تخليقڪار سڌي ريت پنهنجي سبسڪرائبرز سان چيٽ ڪري سگهندا. ڪمپني طرفان پهرئين مرحلي ۾ سبسڪرپشن فيچر برازيل، فرانس، جرمني، اسپين، برطانيا، انڊونيشيا، اٽلي، جپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان کانسواءِ ڪمپني طرفان ايندڙ ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ ٻين ملڪن لاءِ به اِهو فيچر متعارف ڪرائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ٽِڪ ٽاڪ ترجمان موجب، تخليقڪار پنهنجي سبسڪرائبرز کي خاص مراعاتون به فراهم سگهندا جنهن ذريعي کين وڌيڪ ڪمائڻ جو موقعو ملندو.
سنڌيار سکر 29 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 29 سيپٽمبر 2024ع
عدالتي سڌارن جو آئيني پيڪيج ۽ سلطنت عدليھ جو لھندڙ سج
پنجگور ۾ گهر تي فائرنگ، 7 مزدور مارجي ويا
ڪارساز سانحو: پ پ جو حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان
سڀ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو شڪار آهن: ناصر شاهه
برطانيا جي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي سائبر حملا
تحريڪ انصاف جو سڀاڻي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو فيصلو
ڪمائڻ لاءِ ميڊيڪل پيپر ايجنٽن کي وڪرو ڪيو ويو: اياز لطيف
حسن نصرالله ساٿين سميت شهيد، نعيم قاسم عبوري اڳواڻ مقرر
پنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، علائقو جنگ بڻيل
گورنر جو گنڊاپور کي خط، صوبائي حقن لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جي تجويز
شهباز ۽ بائيڊن وچ ۾ ملاقات، اڳواڻن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار
آرمي چيف جي واپارين کي ايس آءِ ايف سي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت
پاڪستاني معيشت بهتري طرف گامزن آهي
وزيرستان ۾ هيليڪاپٽر ڪري تباه،6 اجل جو شڪار
هفتيوار مهانگائي 12.8 سيڪڙو تائين وڌي وئي
عورت ورڪر سان زيادتي جي تصديق،رپورٽ عدالت ۾ پيش
حيدرآباد ۾ پوليو سبب 29 مهينن جو ٻارڙو معذور
پ پ وفد جي مولانا سان ملاقات، پنهنجيون ترميمون آڻڻ جي تجويز