پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت

پشاور(ويب ڊيسڪ) پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي. پاراچنار ۾ اڍائي مهينن کان روڊن جي بندش خلاف شهرين جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري آهي.تعلقي چيئرمين اپرڪرم آغا مزمل جو چوڻ آهي ته روڊ بند ٿيڻ سبب شهري خوراڪ ۽ علاج کان محروم آهن، علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.ٻئي طرف ڊي سي ڪرم جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گرينڊ جرگهي اڄ ڳالهين جي شروعات ڪري رهي آهي، گرينڊ امن جرگه ڳالهين لاءِ ضلعي ڪرم پهچي ويو آهي.پارا چنار جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مجلس وحدت مسلمين ڪراچي نمائش چورنگي ۽ لاهور پريس ڪلب تي پڻ احتجاج ڪيو.روڊن جي بندش بابت خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته پارا چنار روڊ لاءِ اسپيشل پوليس فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪومتي قدمن جو مقصد علائقي ۾ صديون پراڻي تڪرار جو پائيدار ۽ مستقل حل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو