پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي تي سڏائڻ فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي تي سڏائڻ فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اهم قانونسازي ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ جي ايڊوائس صدر مملڪت آصف علي زرداري کي موڪلي ڇڏي آهي. پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊوائس جمعي جي صبح ساڍي ڏهين وڳي گڏيل اجلاس گھرائڻ لاءِ موڪلي وئي آهي، اجلاس ۾ ڪيترائي قانون منظور ڪيا ويندا. ذريعن موجب، انهن قانون ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيڻ سبب گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪرايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پارلياماني ذريعن موجب، حڪومت پنهنجن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته گڏيل اجلاس دوران سڀئي ميمبر ايوان ۾ موجود هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو