پارليامينٽ جو سڀاڻي وارو گڏيل اجلاس ايندڙ هفتي تائين ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جو سڀاڻي وارو گڏيل اجلاس ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ پارلياماني معاملن واري وزير اعظم نذير تارڙ وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل اجلاس خميس تي سڏائڻ واري فيصلي تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻ جي فيصلي کان به صدر هائوس کي آگاهه ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بابت صلاح مشوري وزيراعظم طرفان موڪلي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قانون سازي لاءِ ڪيترائي بل پيش ٿيڻا هئا، اهي بل سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي الڳ الڳ منظور نه ٿي سگهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو