پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جو خطاب تاريخي هو: شازيه مري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شازيه مري چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر آصف علي زرداريءَ جو خطاب تاريخي هو، تقرير ۾ جمهوري قدرن، جامع ترقي ۽ متوازن پرڏيهي پاليسيءَ تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ غير پارلياماني رويو اختيار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب تي ردِعمل ڏيندي هن چيو ته صدر پاڪستان جي تقرير معاشي بحالي، سياسي استحڪام، علائقائي برابري ۽ سيڪيورٽي ۾ بهتريءَ جي جامع ويزن تي ٻَڌل هئي. صدر مملڪت پنهنجي تقرير ۾ قومي يڪجهتي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. خطاب ۾ حڪومت کي مشاورتي طرز حڪمراني اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي ته جيئن سمورين ڌُرين جي راءِ شامل ٿئي. هن چيو ته صدر پنهنجي تقرير ۾ جمهوري قدرن، جامع ترقي ۽ متوازن پاليسي تي زور ڀريو. صدر پارليامينٽ تي زور ڀريو ته هو ذاتي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏئي. هن چيو ته صدر پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ، پگهارن ۾ واڌ ۽ توانائيءَ جي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. صدر مملڪت گلگت بلتستان ۽ بلوچستان کي خصوصي توجهه ڏيڻ ۽ انهن قومي ترقيءَ ۾ مؤثر طور شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو