پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پارليامينٽ هائوس مان اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اسيمبلي ميمبر زين قريشي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي گهرو وزارت ۽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي 10 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اهو واقعو ڪڏهن ٿيو؟درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته ايم پي ايز کي 9 سيپٽمبر تي گرفتار ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هو قومي اسيمبلي مان رپورٽ وٺي ته ڇا ڪيو؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي 4 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو