اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)دنيا جي طاقتور پاسپورٽس جي لسٽ ۾ واحد ايشيائي ملڪ سنگاپور پهرين نمبر تي آهي. سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ 195 ملڪن ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگهن ٿا.105 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان کان گهت طاقتور ملڪن ۾ رڳو عراق، شام ۽ افغانستان آهن. فرانس، جرمني، اٽلي، جپان ۽ اسپين جا پاسپورٽ گڏيل طور تي ٻئي نمبر تي آهن جن کي 192 ملڪن تائين ويزا فري رسائي آهي. آسٽريا، ڊنمارڪ، ڏکڻ ڪوريا، فنلينڊ، آئرلينڊ، لگزمبرگ، سوئيڊن ۽ هالينڊ جا پاسپورٽ 191 ملڪن ۾ ويزا کان سواءِ داخلا سان ٽئين نمبر تي آهن. بيلجيم، برطانيه، سوئٽزرلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ ناروي چوٿين نمبر تي آيا ۽ انهن ملڪن جا پاسپورٽ 190 ملڪن تائين ويزا جي بغير رسائي جي اجازت ڏين ٿا. آسٽريليا ۽ پرتگال جا پاسپورٽ 189 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا سان گڏيل پنجين نمبر تي آهن. يونان ۽ پولينڊ پاسپورٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهن (188 ملڪن تائين ويزا مفت رسائي)، جڏهن ته ڪئناڊا، هنگري، مالٽا ۽ چيڪ ريپبلڪ جا پاسپورٽ 187 ملڪن تائين ويزا مفت رسائي سان ستين نمبر تي آهن. يو ايس پاسپورٽ هولڊر 186 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا ۽ سندن پاسپورٽ 8 هين نمبر تي آهي. ايسٽونيا، لٿوانيا ۽ گڏيل عرب امارات 9 هين نمبر تي آيا، جڏهن ته آئس لينڊ، سلوواڪيا ۽ لٽويا 10 هون طاقتور پاسپورٽ آهي.
دنيا جا ڪمزور پاسپورٽ
پاڪستان کي ڪمزور پاسپورٽ وارو پنجون ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. مجموعي طور تي، پاڪستاني پاسپورٽ 102 نمبر تي آهي ۽ 33 ملڪن ۾ ويزا فري يا آن ارائيول ويزا جي اجازت آهي. پاڪستان سان گڏ يمن به 102 نمبر تي آهي. پاڪستان ۽ يمن کان هيٺ عراق (103)، شام (104) ۽ افغانستان (105) تي آهن. اهڙي طرح صوماليا (101)، ڀارت (83) نمبر تي آهي سندن پاسپورٽ تي 58 ويزا فري ملڪ آهن. نيپال (100)، لبيا (100)، بنگلاديش (99) تي آهي 40 ملڪن جي ويزا فري آهي، ايثوپيا ۽ برما (93)، سريلنڪا (95) نمبر تي آهي 44 ملڪن ويزا فري آهي، فلسطين (99) ۽ اتر ڪوريا (98) نمبر تي آهن ۽ پاڪستان کان وڌيڪ طاقتور آهن.
دنيا جي سڀني ملڪن جي طاقتور لسٽ ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم