اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ مالي سال پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ۾ وڌيڪ سئو ارب رپيا اضافو ٿيندو. ذريعن موجب، گردشي قرض ۾ اضافي جو پلان آءِ ايم ايف سان به شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب، جون 2025 تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2500 ارب رپين کان ٽپي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور سيڪٽر جو گرڊشي قرض 2400 ارب رپين کان وڌي چڪو آهي ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه دوران عالمي مالياتي اداري پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽس بروقت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف طرفان بجلي واري شعبي جو گردشي قرض 2500 ارب رپين کان نه وڌڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال دوران به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب، گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو هو. ذريعن موجب، گذريل مالي سال جي شرطن موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2310 ارب تي ڪنٽرول ڪرڻ هو، آءِ ايم ايف شرطن موجب گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو ته اِها قرض معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي