ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ٽي وي جي نوجوان، خوبصورت ۽ تيزي سان مقبول ٿيندڙ جوڙي احد رضا مير ۽ سجل علي کي عالمي ويب سائيٽ “بز ايشيا” تي بهترين جوڙي جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عالمي ويب سائيٽ بز ايشيا آن لائن ايوارڊ 2019 جي نامزدگين جي فهرست جاري ڪئي آهي. بزايشيا تي اپريل ۾ نتيجن جو اعلان ڪندي. هن ويب سائيٽ انهن اداڪارن کي ايوارڊ سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي هاڪاري ۽ غير معمولي ڪم سبب پنهنجي سڃاڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. بزايشيا ۾ گهڻي قدر ڀارتي اداڪار، اداڪارائون ۽ ڀارتي ڊرامن جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي مشهور ڊرامي “آنگن” سان ماڻهن کي ديوانو بڻائيندڙ احد رضا مير ۽ سجل علي جي جوڙي به نامزدگين ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. احد رضا مير ۽ سجل علي کي ڊراما سيريل “آنگن” ۾ بهترين جوڙي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. هن ڪيٽيگري ۾ سندن مقابلو ڀارتي ٽي وي جي ناليوارن اداڪارن هرشد چوپڙا ۽ جينيفر ونگٽ، نڪل ۽ سُرڀي سميت بين اداڪارن سان ٿيندو. احد ۽ سجل کانسواءِ بهترين “ميوزڪ ٽيلنٽ” جي ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني فنڪار عاطف اسلم کي به مختلف ڀارتي فنڪارن سان گڏ نامزد ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي