نتيجن ۾ دير، سنڌ ۾ پ پ، قومي ۽ ڪي پي ۾ ’آزاد‘ اڳتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين قومي اسيمبلي جي صرف ڪجهه تڪن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچي چڪا آهن.عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.پنجاب جي علائقي گوجرانوالا، چکوال ۽ صادق آباد ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي علائقي لڪي مروت ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان کان علاوه ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بند رهي جنهن سبب اميدوارن ۽ ووٽرن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

نتيجا  اچڻ جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ پولنگ کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.قومي اسيمبلي جي هن وقت تائين جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 21، مسلم ليگ (ن) 12 ۽ پيپلز پارٽي 8 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

پي ٽي آءِ جي حمايت آزاد اميدوار  

ڊيره اسماعيل خان جي تڪ اين اي 44 جي سمورن 358 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب آزاد اميدوار علي امين خان گنڊاپور 92 هزار 612 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ ف جو مولانا فضل الرحمان 59 هزار 364 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. اين اي 3 سوات جي سمورن 309 پولنگ اسٽيشنن جي مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سليم رحمان 81411 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ن ليگ جو واجد علي خان 27861 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.اين اي 13 بٽگرام جي سمورن 278 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار محمد نواز خان 24686 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. راه حق پارٽي جو عطا محمد 18130 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.اين اي 17 ايبٽ آباد 2 جي سمورن 324 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب آزاد اميدوار علي خان جدون 97177 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مسلم ليگ ن جو محبوب خان اعواڻ 44522 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.اين اي 30 پشاور جي 267 مان 267 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار شندانا گلزار خان ڪامياب قرار ڏني وئي. شاندنا گلزار 78 هزار 971 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام ف جي ناصر خان 20 هزار 950 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. اين اي 121 لاهور جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار وسيم قادر 78803 ووٽ کڻي ڪامياب قرار، مسلم ليگ ن جو روحيل اصغر 70597 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

مسلم ليگ ن

مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي.اين اي 119 لاهور 3 جي سمورن 338 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ن جي مريم نواز 83 هزار 855 ووٽ کڻي ڪامياب قرار جڏهن ته آزاد اميدوار شهزاد فاروق 68 هزار 376 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.لوڌران مان استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي سربراهه جهانگير ترين کي شڪست ڏني وئي.    اين اي 155 لوڌران 2 جي سمورن 369 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو صديق خان بلوچ 117671 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جو جهانگير ترين 71128 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.اين اي 55 راولپنڊي جي سمورن 311 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو ملڪ ابرار احمد 78542 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار محمد بشارت راجا 67 هزار 101 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.اين اي 58 چکوال تي ن ليگ جو مقابلو هو. اين اي 58 چکوال جي سمورن 459 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ن ليگ جو ميجر (ر) طاهر اقبال 115974 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار ڪي اياز امير 102537 ووٽ حاصل ڪيا.مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي.اين اي 123 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب شهباز شريف 63953 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو آزاد اميدوار افضل عظيم پههت 48486 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. اين اي 167 بهاولپور 4 جي سمورن 301 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو محمد عثمان اويسي 78970 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.آزاد اميدوار ملڪ امير يار وارين 42500 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.اين اي 135 اوڪاڙه 1 جي سمورن 370 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو نديم عباس ربيرا 107862 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.آزاد اميدوار ملڪ محمد اڪرم ڀٽي 90443 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي

اين اي 202 خيرپور 1 تان پيپلز پارٽي جي نفيسه شاهه ڪاميابي ماڻي. سمورن 305 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب نفيسه شاهه 121756 ووٽ کڻي ڪامياب قرار، جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو سيد غوث علي شاهه 26745 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 217 ٽنڊوالهيار جي سمورن 331 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي ذوالفقار بچاڻي 115000 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي راحيلا مگسي 69900 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 199 گهوٽڪي 2 جي سمورن 365 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو علي گوهر مهر 154832 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.جي يو آءِ ف جو عبدالقيوم 40 هزار 204 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو