پاڪستاني معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين جو اهم ڪردار آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ چين جو ڪردار ناقابل فراموش آهي.محسن نقوي چين جي قونصل جنرل زو شيرين سان ملاقات ڪري کيس چين جي يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏني.ان موقعي تي هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين ترقي جي نئين منزل تي پهتو آهي، چين جي تيز رفتار ترقي سڀني لاءِ رول ماڊل آهي.محسن نقوي چيو ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد ۽ مخلص دوست آهي، پاڪستان کي چين سان پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي.هن چيو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي کي نئين بلندين تي وٺي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو