پاڪستاني وومين ٽيم جي سريلنڪا کي مات،فتح سان شروعات

دبئي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم سريلنڪن وومين ٽيم کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ جي فاتح شروعات ڪئي.گڏيل عرب امارتن ۾ جاري آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ اي جي ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.شارجه ۾ کيڏيل ميچ ۾ گرين شرٽس بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 116 رنسون ٺاهيون ۽ پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي.پاڪستان وومين ڪپتان فاطمه ثنا 30 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي جڏهن ته ندا ڊار 23 رنسون ٺاهيون. 117 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ سريلنڪن وومين ٽيم پاڪستاني بالرز آڏو بيوس نظر آئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 85 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو