اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ جي نئين فيس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت اي پاسپورٽ، مشين ريڊ ايبل (MRP) ۽ گم ٿيل پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ فيس مقرر ڪئي آهي. 5 سالن لاءِ اي پاسپورٽ (36 صفحن) جي نارمل فيس 3 هزار رپيا ۽ ارجنٽ لاءِ 15 هزار رپيا هوندي. 75 صفحن جي نارمل پاسپورٽ جي فيس 15 هزار 500 رپيا، ارجنٽ فيس27 هزار رپيا هوندي. 36 صفحن واري اي پاسپورٽ لاءِ 13 هزار 500 رپيا، ارجنٽ لاءِ 24 هزار 750 رپيا، 75 صفحن واري نارمل اي پاسپورٽ لاءِ 16 هزار 500 رپيا، ارجنٽ لاءِ 27 هزار رپيا ۽ 10 سالن لاءِ عام فيس لاءِ 24 هزار 750 رپيا ۽ ارجنٽ لاءِ 40 هزار 500 رپيا هوندي. مشين ريڊ ايبل (MRP) پاسپورٽ 5 سالن جي 36 صفحن جي نارمل پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا، ارجنٽ 7500 رپيا، فاسٽ ٽريڪ پاسپورٽ جي فيس 13 هزار 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. 72 صفحن تي مشتمل 10 سالن جي ايم آر پي نارمل پاسپورٽ جي فيس 6700 رپيا، ارجنٽ فيس 11 هزار 200 رپيا ۽ فاسٽ ٽريڪ جي فيس 16 هزار 200 رپيا آهي. 72 صفحن جي 5 سالن لاءِ نارمل ايم آر پي فيس 8200 رپيا، ارجنٽ 13 هزار 500 فاسٽ ٽريڪ جي فيس 19 هزار 500 رپيا، 100 صفحن جي ايم آر پي فيس نارمل 9 هزار ارجنٽ رپيا 18 هزار رپيا فاسٽ ٽريڪ 23 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. 10 سالن جي ايم آر پي 100 صفحن جي نارمل فيس 13 هزار 500 رپيا، ارجنٽ فيس 17 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ جي فيس 32 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. پهرين، ٻئي ۽ ٽئين ڀيري گم ٿيل پاسپورٽ لاءِ الڳ الڳ فيس مقرر ڪئي وئي آهي، پهرين گم ٿيل پاسپورٽ لاءِ 54 هزار رپيا ۽ ٽئين گم ٿيل پاسپورٽ لاءِ 3 لک 56 هزار رپيا وصول ڪيا ويندا.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور