پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم دورو نيوزيلينڊ ختم ملڪ واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو مشڪل دورو نيوزيلينڊ پنهنجي اختتام تي پهچي چڪو آهي ۽ ٽيسٽ اسڪواڊ جي رانديگرن ملڪ واپسي جو سفر شرع ڪري ڇڏيو آهي.ٽيسٽ اسڪواڊ اڄ صبح جو ڪرائسٽ چرچ کان آڪلينڊ پهتو جتي 2 ڪلاڪن کان پوءِ دبئي جي لاءِ سفر شروع ڪيو. پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر دبئي کان لاهور سڀاڻي شام پهچندا. هيڊ ڪوچ مصباح الحق سميت اسڪواڊ ۾ شامل 19 رانديگر لاهور پهچندا.اظهر علي، عابد علي، فهيم اشرف، محمد عباس،  نسيم شاهه، عمران بٽ، ظفر گوهر، ياسر شاهه،  شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان به اسڪواڊ سان گڏ لاهور پهچندا.حارث سهيل سيالڪوٽ، بيٽنگ ڪوچ يونس خان، سرفراز احمد، شان مسعود، فواد عالم ۽ سهيل خان ڪراچي پهچندا. پاڪستاني ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ ٻه ٻڙي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻه هڪ تان شڪست ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو