پاڪستان ايشيا ڪپ جي ميزباني تان دستبردار نه ٿيندو: سيٺي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم عزيز سيٺي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2023ع جي ايشيا ڪپ جي ميزباني تان دستبردار نه ٿيندو.چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي چيو ته ايشيا ڪپ بابت جيڪو فيصلو ڪيو ويندو ان جا اثر ورلڊ ڪپ تي به پوندا.جيڪڏهن ڀارت ايشيا ڪپ جون ميچون ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ کيڏي ٿو ته پوءِ ورلڊ ڪپ ۾ به پاڪستان لاءِ هائبرڊ ماڊل هوندو.هن چيو ته ايشيا ڪپ جي 80 سيڪڙو آمدني پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ مان ٿيندي آهي، اسان سمورو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، شيڊول به پيش ڪيو ويو آهي.ٽئين ملڪ جي اضافي خرچن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ان کي برداشت ڪندي.نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته اسان جي پاسي کان لال لڪير آهي، ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچي يا ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ کيڏي.چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ سان پاڪستان کي هڪ ارب جو نقصان ٿيندو، ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي وڃڻ کان انڪار تي آءِ سي سي سان لاڳاپا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، پاڪستان کي وڃڻ ۽ کيڏڻ تي پابندي آهي. تنهن ڪري لکت ۾ ثبوت ڏيو.نجم سيٺي چيو ته ڀارتي بورڊ حڪومت جي انڪار تي ڪو به ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان سپر ليگ مان هاڻي ايترا پئسا ڪمائي ٿو جو آءِ سي سي نقصان جو ازالو ڪري سگهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هنن ڀارت کي چيو آهي ته اسان جي حڪومت ۽ عوام اسان جي موقف جي حمايت ڪن ٿا، توهان نٿا اچي رهيا ته پوءِ اسان اتي ڪيئن ٿا وڃون.

پهنجو تبصرو موڪليو