پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي: ملالا يوسفزئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي آهي.تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري ملالا يوسفزئي جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي چيو ته پاڪستان اچڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.ملالا يوسفزئي جو چوڻ آهي ته هوءَ پاڪستان اچي تمام گهڻي خوش آهي.ملالا يوسفزئي پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي.ڪانفرنس ۾ملاله يوسف زئي عورتن جي تعليم ۾ رڪاوٽن کي حل ڪرڻ بابت ڳالهائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو