پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ

نديم علي خواجه
پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ کانپوء هڪ ڀيرو ٻيهر سول نافرماني جي تحريڪ ڏانهن وڃي رهي آھي، اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ احتجاج ۽ لانگ مارچ بغير ڪنهن نتيجي جي پاڻمرادو ختم ٿي ويو، جنهن تي سياسي حلقن ۽ صحافين حيرت جو اظهار پڻ ڪيو آھي، پي ٽي آئي اهو واضع چئي رهي هئي ته اسلام آباد طرف ٿيندڙ لانگ مارچ عمران خان جي آزادي جو سبب بڻبو، پر رياست جي حڪمت عملي انهي لاگ مارچ کي ختم ڪرائي ڇڏيو، هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاء سول نافرماني تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي، پر اڃان تائين ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف پي ٽي آئي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري رهي آھي، تحريڪ انصاف جي ڪجھ مرڪزي اڳواڻن جو خيال آھي ته احتجاج کان بهتر آھي ته ڳالهين وارو رستو اختيار ڪجي، ڇوته احتجاج وارو تجربو پڻ ٿي چڪو آھي، جيڪو مڪمل طور تي ناڪام ٿيو آھي، تحريڪ انصاف جو اهم مطالبو اهو آھي ته پارٽي جي سربراھ عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، پر حڪمران طبقي اڃان تائين انهي مطالبي ۾ ڪابه لچڪ نه ڏيکاري آھي، ٻيا به ڪيترائي مطالبا شامل آھن، پر عمران خان جي آزادي اهم مطالبو آھي، سياسي مبصرين جو اهو به خيال آھي ته اسلام آباد ۾ ناڪام لانگ مارچ کانپوء تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۾ اختلافات پيدا ٿي ويا آھن، ۽ ناڪام لاگ مارچ جو الزام هڪ ٻئي تي هڻي رهيا آھن، پي ٽي آئي جي ڪجھ اڳواڻن جو اهو به خيال آھي ته هر ڪو عمران خان جي غير موجودگي ۾ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي ۽ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي لاء ڪوشان آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۾ اختلافن جي خبرن کانپوء پارٽي جو عام ڪارڪن ۽ مقامي ااڳواڻ پڻ مونجهاري جو شڪار آھي، پي ٽي آئي ۾ ڪنهن کي به اڃان تائين اها خبر نه آھي ته ڪرڻو ڇا آھي، ۽ فيصلو ڪنهن کي ڪرڻو آھي، انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته آخري فيصلو تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان کي ئي ڪرڻو آھي، پر شايد پارٽي جي اندر ڪجھ گروپ پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، جنهن ڪري اڃان تائين ڪوبه نتيجو نه نڪري رهيو آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف پاران هن وقت مخالف پارٽين سان اتحاد پڻ گهٽجي رهيو آھي، جنهن ۾ جمعيت علماء اسلام فضل الرحمان گروپ شامل آھي، اهو خدشو ظاهر ٿي رهيو آھي ته اگر پارٽي جي اندر اها ئي صورتحال برقرار رهي ته يقينن ٻين اتحادي پارٽين کي پڻ پنهنجو الڳ رستو اختيار ڪرڻو پوندو، اهم ڳالھ اها به سامهون اچي رهي آھي ته تحريڪ انصاف پنهنجي ڪنهن به فيصلي ۾ پنهجن اتحادين کي شامل نه ڪري رهي آھي، انهن پارٽين جي ڪنهن به تجويز کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، اهو به چيو پيو وڃي ته سوشل ميڊيا تي عسڪري قيادت خلاف جيڪا تنقيد پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٿي رهي آھي، تنهن سان پڻ پارٽي ۾ اختلاف ٿي رهيا آھن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ اهم اتحادي محمود خان اچڪزئي پڻ تحريڪ انصاف کي اهو ئي مشورو ڏنو آھي ته في الحال ڪنهن به تحريڪ جو اعلان نه ڪيو وڃي، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪامي کي منهن ڏيئڻو پوي، تحريڪ انصاف جي هڪ اهم اڳواڻ جو اهو به چوڻ آھي ته تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان موجوده صورتحال ۽ احتجاجي تحريڪن جي نتيجي کان مڪمل طور تي واقف ٿي چڪو آھي، کيس يقين آھي ته سندس آزادي هاڻي ڳالهين سان ئي ممڪن آھي، پر حڪمران طبقو ڳالهين جي حق ۾ بلڪل نه آھي، حڪمرانن جو چوڻ آھي ته هڪ طرف تحريڪ انصاف ڳالھيون ڪرڻ جي آڇ ڪري رهي آھي ته ٻئي طرف سول نافرماني تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري رهي آھي، هاڻي تحريڪ انصاف کي ئي فيصلو ڪرڻو آھي ته هو ڳالهين جي عمران خان جي آزادي چاهي ٿي يا وري ملڪ ۾ ٻيهر تحريڪ هلائي عمران خان جي لاء مسئلا پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو