پاڪستان جا فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان

پيرس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي سمورن 34 نقطن تي عملدرآمد مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هن سال پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو چٽُا امڪان آهي. ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ 17 جون کان جرمني ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان کي ڏنل ٻن ايڪشن پلانن جي 34 نقطن تي عملدرآمد جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن نقطن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. رپورٽن مطابق ان کانپوءِ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي پلينري اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ايف اي ٽي ايف جوائنٽ اسيسمينٽ گروپ جولاءِ يا آگسٽ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو. ذريعن موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 34 نڪتن تي مڪمل طور تي عمل ڪيو آهي ۽ پاڪستان ان جي ڪاميابي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو