پاڪستان جو دورو ڪندڙ نيوزيلينڊ ٽيم جا 2 رانديگر زخمي

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي ٻن اهم رانديگرن فن ايلن ۽ ايڊم ملني کي پاڪستان خلاف ايندڙ هفتي شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻاهر ڪيو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر ٽام بلنڊل ۽ آل رائونڊر زچ فولڪس کي شامل ڪيو ويو آهي.24 ورهين جو بيٽسمين فن ايلن چصلهه جي زخم ۾ مبتلا ٿي ويو، جڏهن ته 31 ورهين جو فاسٽ بالر ايڊم ملني کي پير ۾ زخم آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو زيڪ فولڪس اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي جڏهن ته ٽام بلنڊيل ان کان اڳ گذريل سال پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ياد رهي ته پاڪستان 18 اپريل کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندڙ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ نيوزيلينڊ جي ميزباني ڪندو، ٻنهي ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو