ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو سڀ کان وڏو قد رکندڙ شخص نصير احمد سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.ميڊيا رپورٽن موجب، نصير سومرو ڪيترن ئي سالن کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو ۽ سندس علاج هلندڙ هو.نصير سومرو جو قد 7 فٽ 9 انچ هو، جنهن سبب هو ملڪ جي قد آور ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو، هن ڪيئي ٽي وي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي.
