پاڪستان جو فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو سلسلو شروع

برلن(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن پلانن کي حتمي شڪل ڏني آهي.جرمني جي شهر برلن ۾ ايف اي ٽي ايف سربراهه اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي حنا رباني کر چيو ته عالمي برادري اتفاق راءِ سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، اسان جي ڪاميابي 4 سالن جي ڏکئي سفر جو نتيجو آهي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ان رفتار کي جاري رکڻ ۽ معيشت کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ سمورن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، قوم کي مبارڪون هجن، ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي سمورن نقطن تي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي طريقيڪار تحت پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. آڪٽوبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته هاڻي ايف اي ٽي ايف جي طريقيڪار موجب هڪ ٽيڪنيڪل ريويو ٽيم پاڪستان موڪلي ويندي، اسان ان ڪم کي آڪٽوبر 2022ع جي ايف اي ٽي ايف پلينري سائيڪل کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ اسان کين يقين ڏياريو آهي ته هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. حنا رباني کر چيو ته ان سان آڪٽوبر 2022 ۾ اسان جي فٽ گري لسٽ مان نڪرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو.
فيٽف پڌرنامو
ايف اي ٽي ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان 34 آئٽمز تي ٻڌل 2 ايڪشن پلان مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان جو دورو ڪري شرطن جي پورائي جي تصديق ڪئي ويندي.فاطر جو چوڻ هو ته ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺي جلد پاڪستان جو دورو ڪندس، پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ کي روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪري ورتا آهن. ايف اي ٽي ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪري ورتا آهن. پاڪستان گڏيل قومن جي لسٽ ۾ شامل دهشتگرد گروپن جي اڳواڻن خلاف ڪيس هلائڻ ۾ وڏيون اڳڀرائيون ڪيون آهن، پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ به مثبت رجحان آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو