پاڪستان جو وائيٽ واش، سريلنڪا ٽئي ميچ کٽي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 148 رنز جي ٽارگٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ جاري آهي . پاڪستان 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 20 اوورز ۾ 134 رنز ٺاهي سگهيا ۽ کين 13 رنز تان شڪست ملي.

پاڪستان جي ابتدا بهتر نه ٿي اوپنر فخر الزمان زيرو تي آئوٽ ٿي ويو. بابر اعظم 27، حارث سهيل 52، سرفراز 17، عماد وسيم 3، آصف علي هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا، ان کان اڳ سريلنڪا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سندن ٽاپ آرڊر بيٽنگ ۾ مزو نه ڪيودانوشڪا 8، سديرا 13، رنز ٺاهيون پر اوشادا فرنينڊو 48 بالن تي 78 رنز ٺاهيون. سريلنڪا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنز ٺاهيون. عامر 3 وڪيٽ ورتيون، وهاب ۽ عماد کي به هڪ هڪ وڪيٽ ملي. اوشادا فرنينڊو جي پهرين ٽي 20 ميچ هئي جنهن ۾ هو 78 رنز ٺاهي مين آف دي ميڄ رهيو. اسپنر پنندو مين آف سيريز قرار. پنجاب جي گورنر چوڌري سرور فاتح ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو