ڊيلس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 7 وڪيٽن تان ڪئناڊا کي شڪست ڏئي 17.3 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي. رنز جو بظاهر آسان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ صائم ايوب ۽ محمد رضوان اننگ شروع ڪئي ته 12 بالن کيڏڻ بعد 6 رنس ٺاهي صائم ايوب ڊيلون هيلائيگر جي بال تي ڪيپر شيراس هٿان ڪيچ ٿيو. بار ۽ رضوان اسڪور آهستي آهستي اڳتي وڌايو 15 هين اوور ۾ بابراعظم ڀارت واري ميچ جيان ڪٽ شاٽ کيڏڻ جي چڪر ۾ ڊيلون هيلائيگر جي بال تي هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي بعد 33 بالن تي 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان کي آمريڪا کان بهتر رن ريٽ ڪرڻ لاءِ هي ميچ 13.5 اوورن ۾ کٽڻو هو جنهن ۾ هو ناڪام ويا. رضوان 17 هين اوور ۾ ففٽي مڪمل ڪئي ۽ پاڪستان به سينچري ڪراس ڪئي. رضوان 53 بالن تي 53 رنز ٺاهيون هن هڪ ڇڪو ۽ 2 چوڪا هڻي سگهيو. 3 رنسون گهربل هيون 17 بالن تي فخر 6 بالن تي 4 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ ڪئناڊا بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 106 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪئناڊا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو لاڀائتو ثابت ٿيو، 10 اوورن ۾ 55 رنسن تي ڪئناڊا جون پنج وڪيٽون پاڪستان حاصل ڪيون. محمد عامر بريڪ ٿرو ڪندي اوپنر نوَنيت ڌليوال کي پنهنجي پهرين اوور ۾ بولڊ ڪيو پر ان کان اڳ هنکي هو چوڪو به هڻي چڪو هو. باقي پنج بال عامر مس ڪرائيندي وڪيٽ به ورتي. پرگات سنگهه کي شاهين آفريدي فخر هٿان سلپ ۾ ڪيچ ڪريو هن 2 رنسون ٺاهيون، هڪ رن ٺاهيندڙ نڪولس ڪرٽن، عماد وسيم جي ڊائريڪٽ ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ڏهين اوور ۾ حارث رئوف وڪٽ ڪيپر بيٽسمين شريا مووا کي رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ ساڳئي اوور ۾ رويندر پال سنگهه کي فخر هٿان ڪيچ ڪرايو. ڪئناڊا جو اوپنر ايرون جانسن ۽ ڪپتان سعد بن ظفر اسڪور اڳتي وڌايو. عماد وسيم کي ٽئين اوور جي چوٿين بال تي ڇڪو هڻي جانسن ففٽي مڪمل ڪئي. هنکي 44 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهيندڙ جانسن کي نسيم شاهه بولڊ ڪيو ته 14 اوور مڪمل ٿيڻ تي ڪئناڊا جو اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 75 هو. 16هيو اوور ۾ ڪپتان سعد بن ظفر 21 بالن تي 10 رنسون ٺاهي عامر جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ رضوان رننگ ڪيچ ورتو. عامر 4 اوورن ۾ 13 رنسن عيوض 2 وڪيٽون ۽ شاهين آفريدي 4 اوورن ۾ 21 رنس ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. عماد وسيم 4 اوورن ۾ 19 رنسون ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي. حارث رئوف 4 اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪئي. شاداب خان 107 وڪيٽن سان سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ ۾ اڳتي آهي ۽ حارث ٻيو پاڪستاني آهي جنهن 100 وڪيٽون ورتيون آهن، هن اهو ڪم 71 هين ميچ ۾ مڪمل ڪيو، ان اڳ آئرلينڊ جي مارڪ اڊائير 72 اننگز م وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪئي هئي. افغانستان جي راشد خان 54 هين ۽ سريلنڪا جي هسا رنگا 63 هين ميچ ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري چڪا آهن. نسيم شاهه آخري اوور ڪرايو ۽ هن 4 اوورن ۾ 24 رنس ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، کيس ڇڪو به لڳو. ڪليم ثنا ٽيون پليئر هو جيڪو ڊبل فگر اسڪور ڪري سگهيو هن 14 بالن تي 13 رنز ٺاهيون. ڊيلون هيلائيگر 9 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين فتح جي منتظر آهي، پهرين ميچ ۾ آمريڪا ۽ ٻئي ۾ روايتي حریف ڀارت کان شڪست کائڻ بعد سخت تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. ايونٽ ۾ رهڻ لاءِ پاڪستان کي نه رڳو پنهنجون ايندڙ ٻه ميچون کٽڻ گهرجن پر سندن انحصار اگر مگر تي هوندو. آمريڪا جيڪڏهن ڀارت ۽ آئرلينڊ کان وڏي مارجن تي هارائي ته رن ريٽ تي پاڪستان جو چانس بڻجي سگهي ٿو.
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا