پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ڏيهه واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فوزيه صديقي طرفان وڪيل عمران شفيق عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عافيه صديقي جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر کي خط لکيو آهي. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو