پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست، فائنل فور جو سفر مشڪل

چنئي(ويب ڊيسڪ) دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا هڪ وڪيٽ تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي ۽ پاڪستان جو فائنل فور جو سفر وڌيڪ مشڪل بنائي ڇڏيو. 47 اوورز ۾ فاسٽ بالرز جا اوورز ختم ڪري ڇڏيا ۽ اٺيتاليهون اوور محمد نواز ڪرايو ته مهراج چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. 74.2 اوورز ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. تبريز شمسي کي 40 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. نائين وڪيٽ حارث رئوف ڇاٻي هٿ سان مشڪل ڪيچ پڪڙي حاصل ڪئي. ڏکڻ آفريڪا 40 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنز ٺاهيون هيون. ڏکڻ آفريڪا کي پهريون نقصان ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ جي آئوٽ ٿين وقت ٿيو جيڪو 24 رنزٺاهي شاهين جي بال تي وسيم جونيئر هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان ٽيمبا 28 رنز ٺاهي وسيم جونيئر جي بال تي سعود شڪيل هٿان ڪيچ ٿيو، وين در دسن 21 رن ٺاهي شاداب جي بدران فيلڊ ۾ آيل اسامه جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. شاداب کي فيلڊنگ دوران ساڄي ڪلهي ۾ ڌڪ لڳو ته هو ٻاهر هليو ويو. 136 جي مجموعي اسڪور تي هينرچ ڪلاسن وسيم جي بال تي اسامه هٿان 12 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، ڊيوڊ ملر 29 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، مارڪو جينسن 20 رنز ٺاهي حارث جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو، ايڊن مارڪرم 91 رنز ٺاهي اسامه جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو ته پاڪستان ميچ ۾ واپس آيو. جيرالڊ ڪوٽزي 10 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، 250 تي 8 آئوٽ ٿي چڪا هئا. پاڪستان کي 2 وڪيٽون ۽ ڏکڻ آفريڪا کي 21 رنز گهربل هيون. پاڪستان جي پوري ٽيم 46.4 اوورز ۾ 270 رنز تي ڍير ٿي وئي. بابر اعظم 65 بالن تي 50 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سعود شڪيل 52 بالن تي 52 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.عبدالله شفيق 9 ، امام الحق 12، محمد رضوان 31 ، افتخار 21، شاداب 43 نواز 24 رنز ٺاهي نمايا رهيا. تبريز شمسي 4، مارڪو جينسن 3 ، جيرالڊ ڪوئيٽزي 2 ۽ لونگي نجڊي هڪ وڪيٽ ورتي. ورلڊ ڪپ جي 26هين ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. حسن علي ۽ اساما مير اڄوڪي ميچ نه کيڏندا، وسيم جونيئر ۽ محمد نواز کي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو