مانچسٽر(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کي 5 رنز تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي. پهرين ميچ بارش سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي ٻئي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ پاڪستان 195 رنز ٺاهڻ باوجود هارائي ويو هو. سيريز جي آخري ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان ايئن مورگن ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ لاءِ چيو ۽ پهرين ئي بال تي معين علي فخر کي بولڊ ڪري ڇڏيو. حفيظ ۽ حيدر علي شاندار بيٽنگ ڪندي ميچ کٽرائي. پهريون ميچ کيڏندڙ حيدر علي بابر سان گڏ اسڪور 32 تي پهچايو ته ڪپتان 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
بعد ۾ حفيظ آيو جنهن حيدر علي سان گڏ بهترين بيٽنگ ڪئي. حيدر علي 54 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو، شاداب به مزو نه ڪيو ۽ 15 رنز ٺاهي سگهيو. حفيظ شروع ۾ سست بيٽنگ ڪئي پر آخر ۾ هٽنگ ڪئي ۽ 6 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 86 رنز ٺاهيون.
پاڪستان 20 اوورز م 190 رنز 4 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهيون. انگلينڊ جي اننگ ۾ پهرين اوور ۾ شاهين آفريدي بنا رن ٺاهيندڙ جوني بيئر اسٽوو کي يارڪر هڻي آئوٽ ڪيو. ڊيوڊ ملان ڇڪي جي چڪر ۾ عماد وسيم جو شڪار بڻيو. بينٽن وهاب ۽ حارث رئوف کي ڪٽڪو ڏنو ڪپتان مورگن به شاداب کي ڇڪو هنيو پر اڳلي بال تي غلط فهمي سبب رن آئوٽ ٿيو. بينٽن 46 رنز ٺاهي رئوف کي وڪٽ ڏني. 4 وڪيٽن وڃائڻ بعد معين علي جو ساٿ ڏيڻ سيم بلنگز آيو جن بهترين پارٽنر شپ سبب ٽيم کي واپس ميچ ۾ جياپو ڏنو. معين قسمت وارو هو ته پهرين ئي اوور ۾ عماد جي بال تي سرفراز هٿان اسٽمپ آئوٽ نه ٿي سگهيو. معين علي نصف سينچري ٺاهي خطري جي گهنٽي وڄائي پر ٻئي پاسي رانديگر جلدي آئوٽ ٿيندا رهيا.
خطرو ان وقت ٽريون جڏهن 33 بالن تي 61 رنز ٺاهيندڙ معين علي کي وهاب رياض آئوٽ ڪيو.آخري اوور ۾ 17 رنز گهربل هنيون پر انگلينڊ 11 رنز ٺاهي 5 رنز تان ميچ هارائي وئي.