پاڪستان جي بنگلاديش کي 94 رنز تان شڪست، آفريدي جون 6 وڪيٽون

لنڊن (م ڊ) بنگلاديش جي ٽيم 44.1 اوور ۾ 221 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح پاڪستان کيس 94 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جو پوائنٽس ته 11 ٿي ويون پر رن ريٽ جي ڪري نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهتي. شاهين آفريدي 6 وڪيٽون ورتيون، شاداب 2، وهاب ۽ عامر هڪ هڪ آئوٽ ڪيو. حفيظ پهريون اوور ميڊن ڪرايو، حارث سهيل سلپ ۾ عامر جي بال تي آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو، بعد ۾ سرفراز به عامر جي بال تي ڪيچ ڊراپ ڪيو، نيٺ عامر سوميا سرڪار کي فخر هٿان ڪيچ ڪرائي پهرين وڪٽ ورتي. شاهين آفريدي تميم اقبال کي 8 رنز تي بولڊ ڪيو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 9 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 315 رنسون ٺاهيون. سرفراز ۽ شاهين ناٽ آئوٽ رهيا. فخر 13 رنس ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم 96 رنس تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو. امام الحق جي سينچري ٿي وئي ته هو سجدي ۾ ڪري پيو، جنهن بعد هٽ وڪٽ آئوٽ ٿي ويو. حفيظ 27 تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. حارث سهيل 6 رن ٺاهي شارٽ پچ بال تي غير ضروري شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيو، وهاب رياض 2 ، شاداب هڪ ، عامر 8 رنس تي آئوٽ ٿيا. عماد وسيم 43 رنز اسڪور ڪيون. ميچ کان اڳ ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته هڪ ميچ جو فرق رهجي ويو جنهن تي تمام گهڻو ڏک آهي، ميچ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ورلڊ ڪپ جو سٺو خاتمو ٿئي، ڄاڻون ٿا ته تمام وڏي فرق تان کٽڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو