پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار اهم آهي

ڪراچي (12 جون 2023: اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ اقليتي برادري کي برابري جا حق حاصل آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور موجب اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل احترام ڪيو وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي ۾ فلپ چرچ جي پيور بلاڪ جي مرمت ۽ توسيع واري ڪم جو افتتاح ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪو چيئرمين آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپور اقليتي برادري جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن. جنهن جو مظهر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اقليتي برادري کي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي. جنهن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ اقليتن جي ڀلائي جو ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتي برادري جي ڪوٽا تي شفافيت سان عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اقليتي برادري جي عبادت گاهه جي تعمير ۽ مرمت لاءِ به خاص فنڊ رکيا ويا آهن. اقليتي معاملن واري کاتي جون ترقياتي رٿائون اقليتي برادري سان محبت جو مظهر آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو