پاڪستان جي شاندار بالنگ، سريلنڪا 166 تي ڍير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن شاندار بالنگ ڪندي پاڪستان، ميزبان ٽيم کي 166 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جواب ۾ عبدالله شفيق ۽ شان مسعود جي اڌ سينچريز سبب ٻن وڪيٽن تي 145 رنسون ٺاهيون. ڪولمبو ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻئين ٽيسٽ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ پوري ٽيم 166 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان پهرين ڏينهن تي سريلنڪا جي پوري ٽيم کي آئوٽ ڪري پنهنجي پهرين اننگز جي شروعات ڪئي ته امام الحق 13 جي مجموعي اسڪور تي صرف 6 رنسون ٺاهي اسيٿا فرنينڊو جو شڪار بڻيو. پهرين وڪيٽ جلد ڪرڻ کانپوءِ عبدالله شفيق ۽ شان مسعود 108 رنسن جي سٺي پارٽنرشپ دوران اڌ اڌ سينچريون مڪمل ڪيون. شان مسعود 47 بالن تي 51 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ايسٿا فرنينڊو جي ٻيو شڪار بڻيو. ڪپتان بابر اعظم، عبدالله شفيق جو ساٿ ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو ۽ ڏينهن جي پڄاڻي تائين وڌيڪ وڪيٽون نه ڪرڻ ڏنيون. ڪولمبو ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان پهرين اننگز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ سريلنڪا جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ 21 رنسن جي ضرورت آهي. عبدالله شفيق 74 ۽ بابر اعظم 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن. پاڪستان طرفان ابرار احمد 69 رنسون ڏئي 4 ۽ نسيم شاهه 41 رنسن تي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي هڪ سريلنڪن بيٽسمين کي پويلين موڪليو.

پهنجو تبصرو موڪليو