دبئي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ کيڏي ويندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ستين ايڊيشن جي سپر 12 رائونڊ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ٽن ميچن ۾ ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان کي آساني سان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي راهه هموار ڪري ڇڏي آهي. ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏني، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ افغانستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ هاڻ پاڪستان تجزيه نگارن جي نظرن ۾ ٽورنامينٽ جي پسنديده ٽيمن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پاڪستان جون ايندڙ ٻه ميچون نميبيا ۽ اسڪاٽ لينڊ خلاف آهن ۽ تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٻنهي ميچن ۾ پاڪستان جي فتح يقيني آهي. ان کان اڳ ايونٽ جي ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ڪجهه دلچسپ ميچون ڏسڻ ۾ آيون ۽ ميچ جي پڄاڻي تي سريلنڪا، بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ ۽ نمبيا جون ٽيمون سپر 12 مرحلي ۾ پهچي ويون. سريلنڪا ۽ بنگلاديش گروپ 1 ۾ جڏهن ته اسڪاٽ لينڊ ۽ نميبيا گروپ 2 ۾ شامل آهن. ان ترقيءَ کانپوءِ گروپ 1 ڏاڍو ڏکيو گروپ بڻجي ويو آهي جتي سموريون ٽيمون آءِ سي سي جون مڪمل ميمبر آهن. ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جو ستين ايڊيشن 2020 ۾ ٿيڻو هو پر عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيو ويو. اڄ ڀارت جو شارجا ۾ ٽي بي سي سان ميچ آهي جڏهن ته ٻن سپر اسٽاقر ٽيمز يعني انگلينڊ ۽ آسٽريليا جو به اڄ اهم ميچ آهي جيڪو دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا