پاڪستان جي محافظن جو غير متزلزل عزم قابل تعريف آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو غير متزلزل عزم ساراهه جوڳو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن خيبرپختونخواهه جي علائقن تيره، خيبر، لڪي مروت ۾ آپريشنز تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز 9 دهشتگردن کي ماريو، پوري قوم کي پنهنجي سپاهين تي فخر آهي.هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو