پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2.4 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي.آءِ ايم ايف جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي. ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپروٽ مجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽجي 7 ڏهائي 5 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي جي سراسري شرح 9 ڏهائي 5 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 23 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي. اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 2 سيڪڙو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو